اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽ??يز جي ڪاروباري اعتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي ري??ڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽ??يز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020?? جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراع??م چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽ??يز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020?? جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. وزيراع??م چيو ته ڪاروبار خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.
وزيراعظم پاران اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی