اسلام آباد – 05 ??يپ??مبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم جي باقاعده شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي، هو 1100 ڪينال جي وزيراعظم هائوس کي ڇڏي 4 ڪينال کان به گهٽ واري گهر ۾ منتقل ٿيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افتخار دراني سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پ??يس ڪانفرنس ۾ چئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته جنهن ملڪ ۾ 8 ڪروڙ ??اڻ??ن کي صاف ٽوائلٽ جي سهولت نه هجي، 21 سيڪڙو ??اڻ??و ماحولياتي آلودگي سبب موت جي ور چڙهي وڃن، جتي عورتون ويم دوران موت جي ور چڙهي وڃن ۽ جيڪو ملڪ انساني وسيلن جي درجابندي ۾ 188 ملڪن مان 147 هين نمبر تي هجي، ان ملڪ جا حڪمران ڪيئن وڏن وڏن محلن ۾ پنهنجي شاهاڻي زندگي جي لاءِ عوام جي ٽيڪ?? جو پئسو بيدردي سان استعمال ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم ڪفايت شعاري پنهنجي ذات کان شروع ڪئي آهي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش