مظفر آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪندو، ڪشميري عوام کي آزادي واري تحريڪ کي طاقت سان نٿو دٻائي سگهجي، آزادي تحريڪ جو سج ضرور اڀرندو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي ڪل جماعتي حريت ڪانفرن?? جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ چئي. آزاد ڪشمير جو صدر مسع??د خان ۽ وزيراعظم راجا فا????ق حيدر ??ه ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم نيويارڪ روانگي کان اڳ حريت اڳواڻن سان مشاورت لاءِ هي ملاقات ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڇنڇر ڏينهن نيويارڪ روانو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون