سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ سامونڊي ڪناري ويجهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا ا??ل جو شڪار ۽ هڪ گم ??ي ويو. شنهوا ڏکڻ ڪوريا جي يونهاپ نيوز ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري شهر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي ويو. جنهن ۾ عملي جا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏکڻ ڪوريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنا?? سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪپتان سميت 3 ڏکڻ ڪوريائي شهرين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو ا??ل جو شڪار ??ي ويا جڏهن ته ڏکڻ ڪوريا جو هڪ ملاح گم ??ي ويو. گم ٿيل شخ?? جي ڳولا لاءِ ڪاروائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا جهاز ۽ ٽي هوائي جهاز حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena