تهران -11 سيپٽمبر (اي ??ي پي ) ايران چيو آهي ته هو علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهي ، چيني خابرو اداري موجب اها ڳالهه ايراني پرڏيهي وزير امير عبدالهيان گادي واري شهر تهران ?? نار فارس جي معاملن بابت يورپي يونين جي خصوصي سلهڪار لوئجي ڊي مايو سان گڏ ملاقات دوران چئي هن چيو ته اسان جو ملڪ يورپي بلاڪ ۽ علاقائي رياستن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ يورپي يونين جي ڪنهن به قدم جي آجيان ڪري ٿو هن علائقي جي موجوده حالت کي علاقائي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ نئون باب قرار ڏنو . يورپي يونين جي نمائندي بلاڪ پاران ايران جي اهم علاقائي حيثيت تي روشني وجهندي چيو ته علائقي رياستن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ سهڪار جو فورم اهم آهي هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعلق جو معمول تي اچڻ علائقي جي مفاد ۾ آهي . ملاقات دوران ايران جي ايٽمي پيش رفت ۽ ايران تي لاڳو پابندين جي خاتمي بابت معاملن تي به ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي .
علائقي جي رياستن ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ مضبوط تعلق جي قيام ۾ مدد لاءِ تيار آهيون ، ايران
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار