اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس چوري
۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي جي
هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي
خزاني کي اربين ر??پي?? جو فائدو پهچندو، ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾
آڻڻ جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ??ئي وڃي،
ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ
حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان
جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ محصولن ۾
بهتري لاءِ قدمن جي حوالي سان اهم جائزي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم
کي شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ ۽ نگراني تي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ايف بي آر جي
ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم
محصولن جي وصولي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان
سخت قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس لڳائڻ
کانپوءِ محصولن ۾ وصولي ۾ بهتري ايندي. انهن سڌارن سان کنڊ جي ذخيره
اندوزي جو خاتمو ٿيندو ۽ قيمتن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو
ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي سستي اگ??ه ۾ کنڊ جي فراهمي
يقيني بڻايون، کنڊ جي اسٽاڪ جي باقاعده نگراني ??ئي وڃي ته جيئن کنڊ
سپلائي چين متاثر نه ٿئي. وزيراعظم ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙن شگر
ملن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جي هدايت ڪندي ايف بي آر جي
ڊجيٽائيزيشن لاءِ کنيل قدمن سان قومي خزاني کي اربين ر??پي?? جو فائدو پهچندو.
وزيراعظم ايف بي آر ويليو چين جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن جي ڪم کي جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي. هن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ
جا حڪم ۽ ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي جي به هدايت ??ئي.
وزيراعظم سيمنٽ ۽ ٽوبيڪو انڊسٽري کي وڊيو ايناليٽيڪس جو ڪم به جلد کان
جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي
احمد چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي واري مملڪتي
وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ??ئي.
ٽيڪس چوري ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملن خلاف سخت ۽ بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی