اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي خ??اف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ويو ۽ 2 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو ويو. انسانيت ج?? انهن دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحرڪ آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خ??اف اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل