اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اج??اس منعقد ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا ۽ اهم سفارشن جي منظوري ڏني وئي. اج??اس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي معاملي کي ڪابينه ڪميٽي ڏانهن اُماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته بورڊ اج??اس کي نجڪاري جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ هاڻ تائين جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اج??اس ۾ ميمبرن جي نجڪاري جي عمل ۾ شرڪت لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اج??اس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته نجڪاري جا معاملا قانون ۽ ضابطن موجب ۽ ملڪي مفادن کي آڏو رکندي مڪمل ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته پي آءِ اي سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن جو حتمي فيصلو ڪابينه ڪميٽي کي ڪرڻو آهي. هن هدايت ڪئي ته پي آءِ اي سميت سرڪاري ادارن جي بنا دير نجڪاري کي اڳيان وڌايو وڃي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري لاءِ ايندڙ آڇ کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پي آءِ جي نجڪاري ۾ نگران حڪومت جي ڏنل فريم ورڪ کي اڳيان وڌايو ويو هو پر هاڻ اسان کي مستقبل لاءِ نجڪاريءَ ۾ شامل ادارن جي خدشن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل ما?? سکڻو پوندو ۽ آئينده ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو پوندو. نجڪاري ڪميشن بورڊ جو 227هون اج??اس اسلام آباد ۾ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين عبدالعليم خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. بورڊ 31 آڪٽوبر تي پي آءِ اي سي ايل جي 60 سيڪڙو شيئرز کي حاصل ڪرڻ لاءِ بليو ورلڊ سٽي ڪسورشيم طرفان جمع ڪرايل 10 بلين رپين جي ٻولي تي غور ڪيو ۽ ٻولي کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. بورڊ پي آءِ اي سي ايل جي نجڪاري لاءِ آئينده عمل تي به غور ڪيو ۽ ان جي جلد نجڪاري لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪيو. نجڪاري ڪميشن بورڊ جي اج??اس ۾ نجڪاري ڪميشن جي سيڪريٽري مختلف معاملن تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته بورڊ بهتر ڪم ڪيو، پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ترڪش ۽ سنگاپور سميت مختلف ايئر لائنز دلچسپي جو اظهار ڪيو، تنهنڪري نجڪاري ڪميشن بورڊ پري ڪواليفاءِ ڪندڙ ڪنهن به اداري کي نجڪاري جي عمل ما?? نٿي ڪڍي سگهي. اج??اس ۾ پي آءِ اي ۽ نجڪاري جي عمل لاءِ مختلف ??جو??زون پيش ڪيون ويون. مختلف معاملن تي خيالن جو اظهار ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته وفاقي وزير نجڪاري ڪميشن بورڊ جي سمورن ميمبرن جي سمورين ??جو??زن کي ڌار ڌار ٻُڌو. جڏهن ته اج??اس ۾ ٻين منصوبن جي نجڪاري جي حوالي سان به اهم معاملا غور هيٺ آيا.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪميشن بورڊ جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب