اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف جمهور??ه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موقعي تي جمهور??ه ڪرغزستان جي وزيرن جي ڪابينا جي چيئرمين زاپاروف اڪيل بيڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ جمهور??ه ڪرغزستان جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ ايس سي او جي موجوده سربراهه جي حيثيت سان ڪرغزستان پاران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهور??ه ڪرغزستان سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. زاپاروف اڪيل بيڪ پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظ?? محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ گڏ ئي دوري ??ي آيل وفدن جي شاندار استقبال، بهتر??ن انتظامن ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ڪرغزستان جي پاڪستان تعاون جاري ??کڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهبو.