اسلام ??باد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪري نشان حيدر ماڻيندڙ پائليٽ آفيسر راشد منهاس شهيد کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار ل??ظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته راشد منهاس شهيد ملڪي سلامتي جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو. سڄي قوم ر??شد منهاس شهيد جي شهادت جي جذبي، حب الوطني ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته راشد منهاس شهيد جهڙن بهادر نوجوان?? تي قوم کي فخر آهي. سڄي قوم پنهنجي شهيدن جي احسانمند آهي ۽ هو شهيد جي قرباني کي ياد رکندي. صدر آصف عل?? زرداري راشد منهاس شهيد جي بلند درجن جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم