اسلام آباد-02 آگسٽ (اي پي پي) قومي ??سي??بلي فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ، ظلم ۽ ايران ۾ فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم اسماعيل هانيه جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي متفقه قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فلسطيني عوام خلاف هلندڙ نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ فلسطينين تي ڪيل ڏوهن تي جوابده بڻايو وڃي، عالمي برادري اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فلسطيني عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. ڪالهه قومي ??سي??بلي ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار قرارداد پيش ڪندي چيو ته فلسطينين تي اسرائيلي ظلم ۾ واڌ ٿي آهي ج??هن سان هن وقت تائين 40 هزار کان وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. قومي ??سي??بلي ۾ سموريون پارلياماني پارٽيون گذريل 9 مهينن کان فلسطيني عوام خلاف جاري اسرائيلي ڏاڍ تي متحد ٿي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيون آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جتي تهران ۾ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي قتل تي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ واڌ ٿي آهي ۽ اهڙن واقعن کي فلسطينين خلاف جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ جي ڄاڻي واڻي طور ڏٺو پيو وڃي. محمد اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قيادت انصاف جي عالمي ??دا??ت (آءِ سي جي) جي واضح فيصلن ۽ گڏيل قومن جي جنرل ??سي??بلي جي قراردادن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، اسلامي تعاون تنظيم جي واضح فيصلن باوجود فلسطين جي آبادي کي ا??هن جي سرزمين تان بي دخل ڪرڻ تي ضد ٻڌيو ويٺي آهي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل طرفان تنبهه ڪرڻ باوجود اسرائيل بي گناهه فلسطينين خلاف بنا فرق جي تشدد ۽ حملا بند نه ڪيا. قرارداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي ا??هن سمورين شڪلن جي مذمت ڪري ٿو ج??هن ۾ ??دا??ت کان مٿانهون قتل جي سببن کان قطع نظر ۽ خطي ۾ وڌندڙ مهم جوئي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اهڙي طرح جا واقعا نه رڳو دنيا جي امن کي تباهه ڪن ٿا پر پهرين کان ئي عدم استحڪام جو شڪار خطي ۾ هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏين ٿا ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائين ٿا. ت??هن ڪري هي ايوان فلسطين ۾ اسرائيل طرفان جاري رياستي ڏاڍ ۽ ظلم کي مسلمان امت ۽ دنيا لاءِ هڪ الميو قرار ڏئي ٿو ان جي مذمت ڪري ٿو. فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسماعيل هانيه جي ڪٽنب ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد2024 (2735 ) موجب فوري ۽ جامع جنگ بندي، مصيبت سٽيل فلسطينين کي پائيدار ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد جي فراهمي ۽ غزه مان اسرائيلي قابض فوج جي فوري نيڪالي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان قرار ڏي ٿو ته پاڪستان فلسطين کي امداد جي فراهمي جاري رکندو ۽ مظلوم فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي پاڪستان ۾ طبي علاج سميت طبي امداد لاءِ موثر قدم کڻندو. فلسطيني ميڊيڪل جي شاگردن کي ا??هن جي تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ مفت داخلا ڏني وڃي، پنهنجي فلسطيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار طور 2 آگسٽ تي پوري پاڪستان ۾ يوم سوڳ ملهائڻ سميت ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته جمعي جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ شهيد اسماعيل هانيه جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪري ٿو ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن فلسطيني عوام خلاف ڪيل نسل ڪشي کي روڪي سگهجي ۽ اسرائيل کي هن جنگي ڏوهن ۽ فلسطين تي ڪيل انسانيت خلاف ڏوهن جو جوابده بڻايو وڃي، قومي ??سي??بلي جو هي ايوان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ فلسطيني عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ موثر اجتماعي قدم کڻي. قومي ??سي??بلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي پاران فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ فلسطيني اڳواڻ اسماعيل هانيه جي شهادت خلاف متفقه قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ