اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايجنڊا طئي ٿي وئي آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئ??. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وزير احد خان چيمه، قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ و??يراعظم جي مشير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئ??. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پلاننگ، ڊولپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، آبي وسيلن، پيٽروليم، انساني حقن، مذهبي معاملن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گ??يل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايجنڊا به طئي ڪئ?? وئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز