اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ث??اء?? الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??عاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان جو ناڻي وارو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتستان جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن واري و??ار?? جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن واري و??ار?? ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان ??شاورت ڪندي.
وزيراعظم گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر