اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ ”نشان پاڪستان“ جو ايوارڊ عطا ڪري ڇڏيو. اهو ايوارڊ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي ۾ سندس شاندار خدمتن ۽ ڪردار جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ا??وان صدر ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. معزز مهمان کي ايوارڊ ڪمرشل بئنڪنگ، مائيڪرو فنانس، انشورنس، پائيدار سياحت ۽ قا??ل تجديد توانائي جي شعبي ۾ قا??داڻي ڪردار جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. آغا خان ترقياتي نيٽ ورڪ پاڪستان پاڪستان ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ پڻ فراهم ڪئي آهي. ??عد ۾ پرنس رحيم آغا خان صدر آصف علي زرداري سا?? ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين حبيب بئنڪ لميٽيڊ سلطان علي الانه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. صدر کي پاڪستاني عوام جي ڀلائي لاءِ مختلف شعبن ۾ آغا خان نيٽ ورڪ جي ڪردار ۽ ترقياتي منصوبن بابت ٻڌايو ويو. صدر پاڪستان اچڻ تي پرنس رحيم آغا خان جا ٿورا مڃيا. صدر ملڪ جي تعليمي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ آغا خان خاندان جي ڪردار کي ساراهيو. پرنس رحيم آغا خان کيس نشان پاڪستان سا?? نوازڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.
صدر پاران پرنس رحيم آغا خان کي نشان پاڪستان جو ايوارڊ عطا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت