اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي، اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پ??ڪس??ان ۾ آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي، مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهون ته پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاسي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪابينا کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ رمضان المبارڪ جي برڪتن جي طفيل پ??ڪس??ان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون جو منهنجي تازي دوري کانپوءِ سندس خصوصي دلچسپي تحت سعودي وفد پ??ڪس??ان جو دورو ڪيو. وزيراع??م وفاقي ڪابينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جي سعودي وفد جي ڪامياب دوري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سعودي وفد پ??ڪس??اني وزيرن ۽ عملدارين جي تياري کان متاثر ٿيو ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آلسعود ان جو واضح اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پ??ڪس??ان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. هن چيو ته اسان کي اهڙي طرح محنت ۽ لگن سان ان سيڙپڪاري جي پ??ڪس??ان آمد ۽ منصوبن جي تڪميل يقيني بڻائڻي آهي. ان حوالي سان نه ته پراڻي طريقيڪار تي هلڻ جي گنجائش آهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندس. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي عوام سان ڪيل وچن موجب پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪنداسين ۽ مون کي پورو يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اهڙي طرح محنت ڪندا رهياسين ته پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو هدف جلد حاصل ڪري وٺنداسين.
سعودي وفد جي دوري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ