اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي ش??ن جي قيمتن تي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نئين چ??نڊيل وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم ڪابينا جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ۾ نئين چ??نڊيل حڪومت جو روڊ ميپ واضح ڪيو. وزيراعظم نئين چ??نڊيل ڪابينا ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين ش??ن جي قيمتن جي ڪنٽرول جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا صوبائي حڪومتن سان گڏجي کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ٻين ش??ن جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. هن چ??و ته ضرورت جي ش??ن جي قيمتن ۾ غيرضروري اضافي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفار?? تي ڪيلي ۽ بصر جي برآمد تي 15 اپريل 2024ع تائين پابندي هڻڻ ج?? منظوري ڏئي ڇڏي. اها پابندي رمضان المبارڪ جي مهيني دوران ڪيلي ۽ بصر جي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاء?? هنئي وئي آهي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفار?? تي نيدرلينڊ جي شهري محمد اورنگزيب جي پاڪستاني شهريت ٻيهر حاصل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا منشيات جي خاتمي واري وزارت جي سفار?? تي ميجر جنرل عبدالمعيد هلال امتياز ملٽري جي بطور ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس مقرر ج?? منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس، کاڌي پيتي جي شين ۽ روزاني جي ضرورت جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري طور تي ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ناجائز منافعي خوري جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada