اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معا?? نه ڪنداسين، يوريا ڀاڻ جي ط??ب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ضرورت موجب دستياب آهي. هن هدايت ڪئي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معا?? نه ڪنداسين. نگران وزيراعظم ??دايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي آبادگارن تائين پهچ کي آسان بڻايو وڃي، يوريا ڀاڻ جي ط??ب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم ??دايت ڪئي ته لاڳاپيل وفاق?? وزارتون صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت کي يقيني بڻائين. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاق?? وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي واري نگران وفاق?? وزير محمد علي، قومي غذائي تحفظ واري نگران وفاق?? وزير ڪوثر عبدالله ملڪ، واپار واري نگران وفاق?? وزير گوهر اعجاز، نگران صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ