مظفر آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ جمعي ڏينهن 27 آڪٽوبر ت?? ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس پارڪنگ ايرياز ويجهو سي ڊي او آفيس ۾ ٻنپهرن جو 10 وڳي احت??اج?? جلوس ٿيندو جنهن جو خاص مهمان آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق هوندو. احت??اج?? جلسي وزير، حريت اڳواڻ، سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا سرراهه، وڪيل، واپاري اڳواڻن کانسواءِ سمورن مڪتبه فڪ?? سان تعلق رکندڙ نمائندا شرڪتڪ ندا. احت??اج?? جلسي کانپوءِ ريلي ٿيندي. ڪاري ڏينهن جي مناسبت سان آزاد ڪشمير جي ٻين ضلعن جي هيڊڪوارٽر ?? تعلقي هيڊڪوارٽرز تي پڻ احت??اج?? ريليون ڪڍيون وينديون. ا??لا?? آباد ۾ يو اين آفيس آڏو ڪشمير سينٽر راولپنڊي ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اهتمام هيٺ احت??اج?? مظاهرو ڪيو ويندو. جنهن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرايو ويندو. ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل ڪاري ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪرڻ جا انتظام شروع ڪري ڇڏيا آهن. 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي جارحيت ڪندي قبضي جي لاءِ پنهنجي فوج لاٿي. ڪشميري ه?? سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن ته جيئن دنيا کي باور ڪرائي سگهجي ته ڪشميرين 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود ڀارت جي ڪشمير تي غيرقانوني ۽ جبري فوجي قبضي کي قبول ناهي ڪيو ۽ نه ڪندا.
ڪاري ڏينهن جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ احتجاجي جلوس جو خاص مهمان آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق هوندو
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ