اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پ??او?? سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پ??او?? سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيش??ل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي ت??ميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.
پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری