اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ حڪومت ۽ پاڪست??ن جي عوام ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور ??دد ڪن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن ماڻهن، ادارن ۽ عوام کي ترڪيه جي لاءِ دل کولي عطيا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته هن ”پي ايم فنڊ فار ترڪيه ارٿ ڪوئيڪ وڪٽمز“ قائم ڪري ڇڏيو آهي، عوام ۽ سرندي وارا ماڻهو اڪائونٽ نمبر جي – 12166 ۾ فراخدلاڻي عطيا جمع ڪرائين. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائر ملڪ ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سان قيامت صغريٰ جو منظر آهي، ترڪيه ۾ زلزلي سان هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته ترڪيه پاڪست??ن جي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عوام کي درپيش مش??لا??ن ۾ سدائين مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي ??دد ڪئي آهي، ترڪيه 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن ۾ مخلصاڻي ۽ فراخدلاڻي ??دد ڪئي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪست??ن جي حڪومت ۽ عوام به ترڪيه جي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڀرپور ??دد ڪن، ترڪيه جي عوام جي ??دد اس??ن جي ديني ذميواري آهي.
وزيراعظم پاران عوام کي ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : bolão quina