اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ و??اق?? حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اق?? وزير احسن ??قب??ل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو و??اق?? وزير خواجه سعد رفيق، و??يراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري و??اق?? وزير محمد اسحاق ڊار، توانائي واري و??اق?? وزير ا??جنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اق?? وزير احسن ??قب??ل، ريلوي ۽ هوابازي واري و??اق?? وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، و??يراعظم جي صلاحڪار اح?? چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توانائي واري وزير ا??تياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ