اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي فوتي پاليسي هولڊرز جي پونئيرن کي 7 لک جا انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر چي?? ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي حاصل ڪرڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي تي سول نه ٿو اٿاري سگهجي. فوتي اظهر حسين ۽ مظهر حسين ترتيبوار 6 لک ۽ 1 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون ۽ لاڏاڻي کانپوءِ انشورنس ڪمپني ب??ماريون ڳجهيون رکڻ جي ب??ياد تي پونئيرن کي رقم جي ادائيگي کان انڪ??ر ڪري ڇڏيو، انشورنس ڪمپني انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري لڪائڻ جو الزام هڻي پونئيرن کي رقم ڏيڻ کان انڪ??ر ڪري ڇڏيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته لائيف انشورنس پاليسي وٺڻ وقت بيماري جي موجودگي ثابت ڪرڻ انشورنس ڪمپني جي ذميواري آهي، انشورنس ڪمپني ب??ماري جي موجودگي جي حوالي سان ناقابل ترديد ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پاليسي هولڊرز جي لاڏاڻي کانپوءِ انشورنس ڪمپني ب??ماريون ڳجهيون رکڻ جي ب??ياد تي پونئيرن کي رقم جي ادائيگي انڪ??ر ڪري ڇڏيو جنهن تي پونئيرن انصاف جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب معقول جواز کانسواءِ ادائيگي نه ڪرڻ تي اسٽيٽ لائيف جي خلاف فيصلو ڏنو هو. وفاقي محتسب معاملو حل ڪرڻ، بنا دير جي رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي اندر فيصلي تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته انشورنس ڪمپني ٻنهي فيصلن جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي هئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چي?? ته ڪمپني پاران فراهم ڪيل دستاويز پاليسي حاصل ڪرڻ کانپوءِ جي ب??ماري بابت آهن، قابل قبول نه آهي، ٻنهي ڪيسز ۾ فوتي پاليسي هولڊرز کي ڪمپني جي فيلڊ آفيسرن صحتمند قرار ڏنو هو. صدر چي?? ته انشورنس آرڊيننس 2000ع موجب انشورنس پاليسي وٺڻ جي 2 سالن کانپوءِ پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگجي. هن انشورنس ڪمپني جي درخواست رد ڪندي چي?? ته ادارو 30 ڏينهن جي اندر حڪم جي تعميل ڪري.
صدر پاران فوتي پاليسي هولڊرز جي پونئيرن کي 7 لک جا انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب