اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿائي??ين?? سان سياسي رابطن ۽ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻ??ئڻ لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي جيو اڪنامڪ پاليسي جو مقصد ان جي جيو اڪنامڪ بيهڪ مان مڪمل فائدو کڻڻ، رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائق??ئي امن ۽ ترقي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ٿ??ئي ??ين?? جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ٿائي??ين?? جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، هن سال اسان پنهنجي 70 هين دوستي جون تقريبون مله??ئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻئي ملڪ گهڻ رخي فورمن تي ڪيترن ئي علائق??ئي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙو موقف ۽ هم آهنگي رکن ٿا ۽ گهڻ رخي ۽ علائق??ئي تعاون جا مضبوط حامي آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 7 ڏهاڪا اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ ئي اسان ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ تنوع کي اهميت ڏيندا آيا آهيون، هن چيو ته ٿ??ئي ??ين?? جي لڪ ويسٽ “Look West” پاليسي ۽ پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ايشيائي” پاليسي ٻطرفي لاڳاپن لاءِ وسيع گنجائش رکندڙ آهن. هن چيو ته ٿ??ئي ??ين?? ۾ تقريبن 5 هزار پاڪستانين کانسواءِ پاڪستاني ڄ??ئي ٿ??ئي شهرين جي متحرڪ ڪميونٽي موجود آهي جنهن کي ٿ??ئي پٺاڻن جي نالي سان سڃاڻڻ چاهيون ٿا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اهي ماڻهو ٿ??ئي معاشري ۾ رلي ملي ويا آهن ۽ ٿ??ئي ??ين?? لاءِ هڪ اثاثو ثابت ٿيا آهن، انهن ماڻهن ڪاروبار، عوامي خدمت ۽ سياست ۾ پنهنجا قدم ڄمايا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت 6 پاڪستاني ٿ??ئي ايوان جا ميمبر ۽ ٻه سينيٽرز آهن جنهن جو تعلق حڪمران پالنگ پرچارٿ پارٽي ۽ ان جي اتحادي ڀوم جي ٿ??ئي پارٽي يا ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري صلاحي ?? اضافي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو خوش آئنده آهي، 2020ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪل واپار 1105.80 ملين آمريڪي ڊالر هو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو ٻڌمت ورثو ٿ??ئي عوام لاءِ مضبوط تاريخي ۽ ثقافتي تعلق رکندڙ آهي، ٽيڪسلا کي ٿ??ئي عوام ۾ بي پناهه مقبوليت حاصل آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي سياحت جي شعبي جي فروغ ۽ ان شعبي ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٿائي??ين?? جي ماڻهن لاءِ اسان جي ٻڌ مت ماڳن سان گڏوگڏ اتر ۾ خوبصورت جابلو علائقا گهڻا پُرڪشش ماڳ آهن، وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿائي??ين?? جي مشهور ٻڌ راهب آريا اونگسو آڪٽوبر 2019ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ ٿائي??ين?? ۾ پاڪستان جي ٻڌمت ورثي جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجهه منصوبا شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ٿ??ئي رهواسين جي پاڪستان آمد جا منتظر آهيون، سفر ۽ سياحت کي آسان بڻ??ئڻ لاءِ اسان پنهنجي ويزا نظام ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، ٿائي??ين?? سميت تقريبن سمورن ملڪن ۾ اي ويزا ۽ ويزا آن آرائيول جي سهولت ۾ توسيع ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ٿائيلينڊ سان سياسي رابطن ۽ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو خواهشمند آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر