اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ??يم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستق??ل ۾ مل?? کي سستي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ??يم جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان مل?? کي سستي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان مل?? کي سستي بجلي حاصل ٿي ۽ ??اڪ??تان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria