هري پور – 27 211; ??ئي (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو وڌيڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قيام جي منصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين ??ان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وزيراعظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي مناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ??ري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل آف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ??ري رهيو آهي، اهي قدم ڏيکاءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو د??رومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي پاڻي جو د??رومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ??ري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.
پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔