ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا، واپار، دفاعي تعاون، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خا?? ڪالهه اڱاري ڏينهن سريلنڪا جي وزيراعظم مه??درا راجا پاڪسي سان ٽمپل ٽريز (وزيراعظم جي آفيس) ۾ وسيع مشاورت ڪئي. ٻنهي وزيراعظمن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي خوشحالي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ وسيع البنياد ۽ پائيدار حصيداري کي سگهه ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ وسيع پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وسيع شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم جي تصديق ڪئي. انهن واپار ۽ سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ انساني وسيلن جي ترقي، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ گڏيل ڪارائتي تعاون جي تمام گهڻن موقعن ۽ وسيع امڪانن جو اعتراف ڪيو، پاڪستان جي ٻڌمت ورثي ۽ مذهبي سياحت جي صلاحيت کي ساراهيندي مه??ان نوازي جي صنعت، تربيت ۽ هنرمندي ۾ مهارت جي حصيداري سان گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گهڻ رخي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورين سطحن تي اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ هم آهنگي کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي رفتار کي برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين مشاهدو ڪيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا غيرمعمولي ڪوويڊ 19 وبائي بيماري کي منهن ڏيڻ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. عالمي ڏس ۾ ان وبائي مرض جي منفي سماجي ۽ معاشي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جي قرض بابت امداد تي عالمي قدم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خا?? خطي ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم افغانستان ۾ تڪرار جي سياسي ح?? کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هر طرف کان تعميري مشغوليت تي پڻ زور ڏنو. جيو اسٽريٽجڪ مان جيو اڪنامڪس طرف پاڪستان جو ڌيان ڇڪرايو ويو. پاڪستان جي معاشي تحفظ جي موقف جي ٽن ٿنڀن امن، ترقي جي حصيداري ۽ رابطي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ذريعي تڪرارن جي حل ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان اڳتي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ويزن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ڌرين سارڪ ميثاق جي اصولن ۽ مقصدن سان وابستگي کي ورجايو ۽ ان جي اهميت تي اتفاق ڪيو. علائقائي تعاون جي لاءِ سارڪ جي عم?? کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خا?? سريلنڪا ۾ سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال ۽ مه??ان نوازي تي وزيراعظم مه??درا راجا پاڪسي جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خا?? وزيراعظم مه??درا راجا پاڪسي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن سياحت، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون تي اهم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب پڻ شرڪت ڪئي. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل طور تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خا?? ۽ سندس وفد جي مان ۾ وزيراعظم مه??درا راجا پاڪسي جي ميزباني ۾ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ