مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ر??جا فاروق حيدر خان پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ر??جا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم ر??جا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄم?? مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان ??ڪج??تي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران آزاد ڪشمير جو دورو، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں