اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته آزا??ي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، 14 آگسٽ اسان کي پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي، لاڳاپيل ادارا آزا??ي جي ڏهاڙي جي تقريبن کي تاريخي بڻائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏين. هو آزا??ي جي ڏهاري جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان منقعد اجلاس کي خطاب ڪري رهيو، وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات ۽ ان جي ماتحت ادارن اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي هدايتون ڏنيون ته هو پاڪستان جي ثقافت، قابل فخر جاگرافيائي بيهڪ ۽ قومي ورثي کي نمايان طور ت?? اجاگر ڪن.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر