اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ناهي جنهن دهشتگردي جي خلاف اڪيلي جنگ وڙهي اهڙي مثالي ڪاميابي حاصل ڪئي هجي جهڙي پاڪستان حاصل ڪئي، دنيا دهشتگردي خلاف اسان جي ڪوششن جو قدر نه ڪيو، پر اسان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهي. عالمي دهشتگردي جي خاتمي واري فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سويت يونين جو ٽڪر?? ٽڪرا ٿي وڃڻ کانپوءِ عالمي ترجيحون مٽجي ويون، پاڪستان ان جنگ جي وڏي قيمت ادا ڪئي، پاڪستان دهشتگرد حملن ۾ بينظير ڀٽو شهيد سميت هزارين جانين جي ق??با??ي ڏني، چرچ، مسجدن، اسڪول، مزارن سميت ڪا جڳهه دهشتگ??دن جي حملن کان محفوظ نه هئي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino