اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ۽ اڳواٽ منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ ??جل?? جي پيداوار ۽ ملڪ ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. ??جل?? وارو وفاقي وزير اويس ??حمد خان لغاري، ??جل?? ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي ??جل?? جي تازي تعطل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ موسم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽر??نگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج