اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جو فيصلو نه آه??، سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ هٿرادو، اڻ تصديق ٿيل آهي، جي آءِ ٽي سفارشون سپريم ڪورٽ تي لاڳو نه ٿيون ٿين، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شريف فيملي اعليٰ ??دليه مان به سرخرو ٿيندي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه آهي ۽ نه ئي جي آءِ ٽي جون سفارشون سپريم ڪورٽ تي لاڳو ٿين ٿيون. هن چيو ته اهي دستاويز جيڪي تصديق ٿيل نه آهن انهن جي ت??ثي?? ڪير ڪندو، ان جي ابتڙ شريف خاندان پاران پيش ڪيل سمورا ڪاغذ تصديق ٿيل آهن.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ