اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل چئن سالن ۾ پاڪست??ن جي اقتصادي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي جن??ن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه چين جي هوانگ گروپ جي چيئرمين چاوپائي چي سان ڳالهائيندي چئي جن??ن ڪمپني جي عهديدارن جي وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جو سفير سن وي ڊونگ پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي ان کي ٻڌايو ته ايم ايس سي آءِ پاران پاڪستان کي اڀرندڙ مارڪيٽ جو درجو ڏيڻ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ صلاحيت جي اعتراف جو عڪاس آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي ايشيا ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسٽاڪ مارڪيٽ قرار ??نو ويو جيڪا نمايان پرڏي??ي سيڙپڪاري راغب ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج