برلن_ 17 نومبر(اي پي پي) جرمني جي چانسلر اولاف شولز چيو آهي ت?? جرمني يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ سٺن لاڳاپن جي خواهشمند آهي، يورپي يونين ۾ ترڪيه جي پناهگيرن جي معام??ي تي ڳالهيون جاري آهن، انهن ڳالهين جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون، ميڊيا رپورٽن موجب جرمن چانسلر اهڙن خيالن جو اظهار برلن ۾ يونان جي وزيرا??ظم ڪرياڪوس ميچوتا ڪيس سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ، هن ان ڳالهه جو اشارو ڏن?? ته ترڪيه ۽ يونان نيٽو جڏهن ته يونان يورپي يونين (اي يو) جو ميمبر آهي، جرمن چانسلر چي?? ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي لڳاپن جي حوالي سان رهنمائي ڪئي آهي، هن چي?? ته ترڪيه ۽ يونان جي مسئلن جو حل تمام گهڻو ضروري آهي، اسان ويجهي مستقبل ۾ يونان ۽ ترڪ حڪومتن ۾ ڳالهين جا منتظر آهيون، يورپي يونين ۽ ترڪيه وچ ۾ پنهاگيرن جي معاهدي جي بحالي جي حوالي سان هن چي?? ته يورپي يونين ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ترڪيه پنهاگيرن جي وڏي تعداد کي پناه ڏني آهي ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته پنهاگير يورپ طرف لڏ پلاڻ نه ڪندا،يوناني وزيرا??ظم پڻ ان موقعي تي چي?? ته اسان جي حڪومت ترڪيه سان غير قانوني اميگريشن جي روڪ ٿام لاءِ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، يورپي يونين انهن ملڪن جي امداد ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي ان بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.
يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: جرمني
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش