بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ان??ونيشيا جي صدر جوڪو ويدودو سان ملاقات ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. چيني ميڊيا رپورٽس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ”بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ جي موقعي تي ٿي?? انڊونيشين صدر عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات ۾ شي جن پنگ نشاندهي ڪئي ته ان??ونيشيا اها پهرين جڳهه آهي جتي هن 21 هين صدي جي ميري ٽائيم سلڪ روڊ جي تعمير جي تجويز ڏني، گذريل 10 سالن دوران ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ چين ۽ ان??ونيشيا جو تعاون خطي ۾ سڀ کان اڳتي رهيو آهي جنهن سان ٻن??ي ملڪن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ اهو ”بيلٽ اينڊ روڊ“ تحت تعاون جو اهم نمونو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ”بيلٽ اينڊ روڊ“ جي گڏيل تعمير ۾ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ تعاون اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ اتحاد، گڏيل تعاون ۽ پاڻڀرائپ کي ظاهر ڪري ٿو، چين ان??ونيشيا سان گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تيار آهي.
چين جي صدر ۽ انڊونيشيا جي صدر ۾ ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام