مدينو _22 جون(اي پي پي) مديني جي اسپتالن ۾ حج پانڌيئڙن لاءِ دل ??ي بيمارين جي علاج جي سهولت فر??هم ڪئي وئي آهي،سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب حج سيزن جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 124 ڪارڊيڪ ڪيٿٽرائزيشن، جنرل سرجري ۽ اوپن هارٽ سرجريون ڪيون ويون آهن. مديني منوره جي ڪنگ عبدالعزيز ڪڊني سينٽر ۾10 بيڊ مختص ڪيا ويا آهن ۽ روزاني ??ي بنياد تي 40 ڊائيلاسز ٿين ٿا. هڪ مهيني دوران مختلف ملڪن جي 64 حاجين کي ڪارڊيڪ ڪيٿٽرائزيشن جي سهولت فر??هم ڪئي وئي آهي، 56 جنرل آپريشن ڪيا ويا ۽ 04 اوپن هارٽ سرجريون ڪيون ويون جڏهن ??ه 122 حج پانڌيئڙن کي ڊائيلاسز جي سهولت فر??هم ڪئي وئي. واضع رهي ته ذي الحجه جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين مديني منوره ۾ 07 لک 96 هزار حج پانڌيئڙا هوائي ۽ سامونڊي رستي سعودي عرب پهچي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری