ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ??و ميمبر ڊاڪٽر عا??ر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عا??ر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ ??وڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عا??ر لياقت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪ??رڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عا??ر لياقت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عا??ر لياقت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات عا??ر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آيو هو. ڊاڪٽر عا??ر لياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عا??ر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪ??رڻ سامهون اچي ويندو.
قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو
مضمون کا ماخذ : apostas quina