اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، يوم تڪبير پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئي پاڪس??ان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪس??ان جي خل??ف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪري پاڪس??ان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪس??ان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪبير جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪس??ان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪري پاڪس??ان کي هڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پاڪس??ان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو