اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عمران خان پاران پاناما معاملي تي خاموش رهڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ جي بيا?? کي ڪوڙو ۽ ب?? بنياد قرار ڏي??دي ميڊيا جي ذريعي کانئس 4 سوال پڇيا آهن، جيڪڏ??ن عمران خان صاحب توهان جي اندر ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته 4 سوالن جا جواب ڏي??، ڪنهن 10 ارب جي جي آفر ڏني، ڪير 10 ارب رپين جو بيگ کڻي آيو، ڪهڙي اداري کي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪ??ي وئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پاران پاناما پيپرز جي حوالي سان منهن بند ڪرڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ جي بيا?? کي 2013ع کان عمران خان پاران ڳالهايل لاڳيتو ڪوڙ جو تسلسل قرار ڏي??دي چيو ته عمران خان ڌرڻي جي انتظام جي لاءِ ڌانڌلي جو گوڙ ڪيو، حقيقت ته اها آهي ته جڏهن ڪي پي ڪي جي انصاف ڪميشن مٿس هٿ وڌو ته عمران خان پنهنجي هٿن سان احتساب ڪميش?? کي تالو لڳرائي ڇڏيو.
مريم اورنگزيب پاران عمران خان جو بيان ڪوڙو قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی