اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) خطي کي مضبو?? اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، علائقائي رابطن جي گهٽتائي اقتصادي تعاون ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. معاشي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 22 هين اجلاس جي چيئرمين شپ ??ي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار خطي جي سمورن انساني ۽ مادي وسيلن سان ڀرپور فائدو کڻندي اي سي او کي هڪ مضبو?? اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خطي ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ريل، رستن، س??مونڊي ۽ فضائي رابطن جي س??ت ضرورت آهي، اي سي او خطو سي پيڪ ۽ گ??اد?? پورٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا