گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ده??تگ??دي کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ده??تگ??دي جو شڪار ٿيڻ باوجود پاڪستان پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ده??تگ??دي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت رکي ٿو، جنهن کي ڀارت طرفان مدد ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي عالمي ده??تگ??دي جي خاتمي بابت قانوني ڪميٽي جي قدمن تي بحث دوران چيو ته اسان گذريل ٻن ڏهاڪن کان ده??تگ??دي خلاف جنگ وڙهي آهي، تنهن هوندي به ده??تگ??دي جو خطرو شڪليون تبديل ڪندو رهندو آهي، هن انهي ڏس ۾ ده??تگ??دي جي نون قسمن ۽ سائبر ٽولز سميت ڪرپٽو ڪرنسي ۽ آن لائن ده??تگ??دي جي روڪٿام لاءِ گڏيل قومن جي ده??تگ??دي جي خاتمي واري ڍانچي جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستاني نمائندي سڄي دنيا ۾ ده??تگ??دي ج?? مڪمل خاتمي لاءِ حل نه ٿيل تڪرارن جي حل، پرڏيهي قبضي جي خاتمي ۽ خاص ڪري ڪشمير ۽ فلسطين ۾ خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو. پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ پاڪستاني نمائندي لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ غزه ۾ اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسرائيل وچ اوڀر جي پوري خطي ۾ هڪ وسيع جنگ کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان کي جوابده بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته جيستائين اسان اهڙي ده??تگ??د حڪومت خلاف مضبوطي سان ڪم نٿا ڪريون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن کي برقرار نٿا رکون.تيستائين نتيجو ڏيندڙ حل ملڻ ڏکيو آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ده??تگ??دي خلاف جنگ ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته پاڪستان فتنه الخوارج ٽي ٽي پي، داعش ۽ مجيد برگيڊ جهڙن باغي گروپن ذريعي رياستي سرپرستي ۾ ٿيل سرحد پار حملن جو شڪار آهي. پاڪستان وٽ پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ده??تگ??دي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت آهي جنهن کي اسان جي پاڙيسري ملڪ جي طرفان فعال طور تي مدد ۽ حوصلا افزائي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي آهي، عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ده??تگ??دي جي روڪٿام وارين ڪوششن کي انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف ورزي لاءِ غلط استعمال نه ڪيو وڃي. جهڙوڪ اسرائيل فلسطين ۽ ڀارت ڄمون ڪشمير ۾ ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي ان موقف ج?? مڪمل حمايت ڪري ٿو ته عالمي ده??تگ??دي تي اتفاق راءِ تي ٻڌل جامع ڪنوينشن (سي سي آءِ ٽي) کي ده??تگ??دي جي ڪاررواين ۽ پرڏيهي قبضي ۾ خود اراديت واري حق ۽ قومي آزادي لاءِ ماڻهن جي جائز جدوجهد وچ ۾ واضح طور تي فرق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ده??تگ??دي جي ڪا به تعريف ناهي، هڪ جامع ڪنوينشن ۾ انتهاپسندي ۽ ده??تگ??دي جي نئين ۽ اڀرندڙ شڪلن کي شامل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سفيد فام بالادستي، انتهائي ساڄي ڌر جي انتهاپسندن، پرتشدد قوم پرستن، زينوفوبڪ (پرڏيهين کان نفرت)، اسلامو فوبڪ ۽ مسلمانن مخالف گر??هن جون پرُ تشدد ڪارروايون جهڙوڪ هندو پرست گروپس ۽ دنيا جي مختلف ۽ پابندين جي نظام ۾ تبديلين جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي ڀارتي نمائندي جواب ڏيندي دعويٰ ڪئي ته ڄمون ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ پاڪستان تي ده??تگ??دي جو الزام لڳايو. پاڪستاني نمائندي جواد اجمل پنهنجي ڀارتي هم منصب جي الزامن کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي پاسداري ڪري جيڪي ڪشميري عوام کي پنهنجي خود اراديت واري حق جي استعمال لاءِ فراهم ڪن ٿيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي فرسٽ سيڪريٽري جواد اجمل چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته ڀارت جيڪو پاڻ ڄمون ڪشمير جي والاريل علائقن ۾ انتهائي وحشياڻي رياستي ده??تگ??دي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي ده??تگ??دي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ٻين تي ان طرح جا ڪوڙا الزام لڳائي رهيو آهي پر هي عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندڙن ۾ عام آهي جيڪي پنهنجي پاڙيسرين خلاف کلي عام جارحيت ڪندا آهن. غير قانوني طور تي زمين تي قبضو ڪرڻ جي نوآبادياتي آبادڪاري جي پاليسين تي عمل ڪندا آهن ۽ آزادي جي جائز جدوجهد کي ده??تگ??دي جو نالو ڏيندا آهن. هن چيو ته ڀارت مني لانڊرنگ نيٽ ورڪس ذريعي ده??تگ??دي جي مالي مدد ۽ پاڪستان خلاف پراڪسي وار ۾ سرگرم آهي. پاڪستان جي اقتصادي واپاري رستن کي ??قص??ن پهچائڻ ۽ تباهه ڪرڻ خاص طور تي ده??تگ??د گر??هن طرفان طئي ٿيل ۽ منظم حملن ذريعي چين پاڪستان اقتصادي راهداري کي نشانو بڻائڻ جون ڀارتي ڪوششون هڪ کليل راز آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته ڀارت بلوچستان ۾ به ده??تگ??دي کي هوا ڏئي رهيو آهي، جواد اجمل چيو ته دنيا ڊگهي عرصي کان ڀارت جي اڻوڻندڙ رويي کي نظرانداز ڪيو آهي جيڪو نفرت ۽ تشدد کان متاثر آهي ۽ نظرياتي طور تي حوصلا افزائي ڪندڙ ان جي حڪومت جي هندو پرست گروپ جو ثبوت آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي ده??تگ??د فرنچائيز پرڏيهي ملڪ رهندڙ پنهنجي مخالفن خلاف قاتلاڻي مهم جي ڪوششن جي هڪ سلسلي سان عالمي سطح تي هلائي وئي آهي جيڪا ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ بي نقاب ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڀارتي اڳواڻ کلي عام پنهنجي شهرين کي پرڏيهي ملڪ ۾ قتل ڪرڻ تي فخر ڪن ٿا.
دهشتگردي جو شڪار ٿيڻ باوجود ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي قوت، عزم ۽ صلاحيت رکون ٿا: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے