رياض-20 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ سرڪاري ادارن جي ڊج??ٽل پليٽ فارم جي نگران انجنيئر احمد الصويا?? چيو آهي ته ابشر پليٽ فارم جي استعمال سان 23 ارب ريال جي بچت ٿي آهي. اردو نيوز موجب ابشر پورٽل سان ??اڻ??ن کي گهرو وزارت ۽ ان سان جڙيل ٻين ادارن جي آفيسن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ناهي رهي ۽ انهن جا ڪم آن لائن وڌيڪ سهولت ۽ گهٽ وقت ۾ ٿي ويندا آهن. انجنيئر احمد الصويان ڊج??ٽل گورنمينٽ جي حوالي سان سيمينار ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊج??ٽل پليٽ فارمز سبب سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ ايندڙن جي تعداد ۾ 95 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ويزا 48 ڪلاڪن بدران صرف 60 سيڪنڊن ۾ جاري ٿئي ٿو، اها ڪاميابي ڊج??ٽل گورنمينٽ پليٽ فارم سبب ئي ممڪن ٿي. ه?? چيو ته مملڪت ۾ حڪومتي ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ تيزي ۽ بهتري آئي آهي، ٿري ڊي پرنٽنگ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ميڊيڪل جي شعبي ۾ به بهتري آئي آهي، عدل واري وزارت کان وڪالت نامو ٺهرائڻ جي حوالي سان ه?? چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به نوعيت جو وڪالت نامو ٺهرائڻ لاءِ 100 منٽن جو وقت لڳندو هو پر هاڻي اهو ئي وڪالت نامو رڳو 31 منٽن ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو، ه?? چيو ته ابشر پليٽ فارم تي نئين سهولتن تحت مقامي شهري ۽ رهندڙ پرڏيهي ٽريفڪ حادثن تي چالان خلاف اعتراض داخل ڪرائي سگهن ٿا. ان کانسواءِ ابشر ??اڻ??ن ذريعي هٿيار جي ملڪيت جي منتقلي به لرا: سگهجي ٿي، اهڙي طرح ابشر ??اڻ??ن ذريعي ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرائي سگهجي ٿو، هن جو چوڻ هو ته ابشر اعمال ذريعي موٽرسائيڪل ۽ روڊ بزنس پرمٽ وغيره جي سهولت به مهيا آهي.
سعودي عرب جي سرڪاري ادارن ۾ ڊجيٽل پليٽ فارم ابشر جي استعمال سان 23 ارب ريال جي بچت ٿي: انجنيئر احمد الصويان
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria