اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير ??بدالعليم خا?? جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي هاڻ تائين ڪارڪردگي جو جائزو، جاري ۽ مستقبل جي رٿائن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي، ڪاروباري سرگر??ين ۽ پرڏيهي سيڙپڪار??ءَ ۾ اين ايڇ اي جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري ۽ معاشي سرگر??ين کي هٿي ڏيڻ لاءِ روڊ نيٽ ورڪ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جو موجوده روڊ نيٽ ورڪ سيڙپڪار??ءَ لاءِ اهم علائقن وچ ۾ رابط?? جي سهولت فراهم ڪري ٿو، روڊ نيٽ ورڪ جي وڌيڪ بهتري سان معاشي ۽ ڪاروباري سرگر??ين کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتر??ءَ سان پرڏيهي سيڙپڪار??ءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته شاهراه?? جي تعمير ??ا نوان منصوبا نجي سيڙپڪار??ءَ لاءِ انتهائي پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته حيدرآباد کان سکر موٽر وي ايم-6 ۽ ڪراچ??ءَ کان حيدرآباد ايم-9 کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ج?? مٿانهين وارن علائقن ۾ شاهراهن جا منصوبا به نجي سيڙپڪار??ءَ لاءِ پُرڪشش آهن. وفاقي وزير چيو ته مانسهره کان ڪاغان، ناران روڊ کي موٽر وي جي طرز تي بڻايو ويندو، اين ايڇ اي پنهنجي ڪارڪردگ??ءَ کي بهتر ڪري ملڪي تعمير ۽ ترق??ءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اين ايڇ اي جي روينيو ۾ واڌ سان ملڪي ناڻي تي بار گهٽ ٿيندو. هن چيو ته اين ايڇ اي ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگر??ين ۾ حصو وٺي پنهنجي روينيو ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي، ٻين ملڪن ۾ تعميراتي سرگر??ين ۾ حصو وٺڻ لاءِ اين ايڇ اي قانوني طريقو ڳولي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اين ايڇ اي جو اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد