لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبق?? کي سه??لت فراهم ڪرڻ تي ڌي??ن آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي لاءِ مورگيج جي سه??لت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نظام ۾ موجود ??رابي?? کي ختم ڪرڻو پوندو. هو ??ئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادار?? کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون منظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي لاءِ عدليه جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو ??دد نه ڪري ها ته قانون منظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو ??انون التوا ۾ هو، ان قانون جي منظوري کانپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سه??لت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان مورگيج جي سه??لت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ??ٽ روڪ رقم نه آهي ته هو ??ه پنهنجو گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي لاءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو گهر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظم چيو ته ان سان هر ماڻهو ??ٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو ??سطون ڏئي پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهي، ان منصوبي کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.
پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania