اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پوري قوم جي نمائندن جهڙي انداز س??ن وزيرا??ظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير جي پذيرائي ڪندي بي مثال استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، عوام جو وڏو هجوم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته جيڪي دلين ۾ رهن ٿا عوام انهن کي پنهنجي اکين تي ويهاري ٿي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيرا??ظم عمران خان جي هڪ ڪلاڪ جي خطاب اسلام جي نام نهاد ٺيڪيدارن جي ديڳڙي وچ ??وراهي تي وائکي ڪري ڇڏي آهي، ناموس رسالت صه تي جيڪا سياسي دڪانداري انهن چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي انهن جي فلم سئنيما اسڪرين تي لڳڻ کان اڳ ئي فلاپ ٿي وئي آهي، هاڻي انهن جي چورن ڪنهن دڪان تي وڪامجڻ واري نه آهي، اسلام جي نالي تي سياسي دڪان چمڪائيندڙن کي پيغام ڏيان ٿي ته اهي اڳتي وڌي وزيرا??ظم عمران خان جو مٿو چومين ۽ پنهنجو سياسي مورچو بند ڪري ڪشمير جي مورچي تي اسان سان گڏ بيهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيرا??ظم عمران خان جي وطن واپسي جي موقعي تي هوائي اڏي تي بي مثال استقبال کانپوءِ شرڪت ڪندڙن ۽ صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو.
قوم جهڙي انداز سان وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج