اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 72 هين آزادي جي ڏهاڙي جي پرمسرت موقعي تي ملڪ اندر ۽ ٻاهرا رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آه?? ته اڄوڪي ڏينهن اسان سڀ گڏجي ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، فلاحي اسلامي رياست حاصل ڪرڻ ۾ اسان جي لاءِ قابل تقليد نمونو مديني جي رياست آه??، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي ڀارتي قدمن سان اسان جي بزرگن جي ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ سگهه ملي آه??. اها ڳالهه هن 72 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته 14 آگسٽ اسان جي ملي تاريخ جو اهو سنهرو ڏينهن آه?? جيڪو اسان کي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي اسان جي بزرگن پنهنجي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي قدرن جي تحفظ لاءِ پيش ڪيون، اهو ڏينهن اسان کي انهن مقصدن جي به ياد ڏياري ٿو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ آزاد خودمختيار مسلم رياست جو قيام عمل ۾ آيو.
وزيراعظم عمران خان پاران 72 هين آزادي جي ڏهاڙي جون قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa