اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سڄي دنيا جي ع??ام تي زور ڏنو آهي اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ جي خلاف پنهنجو آواز اٿاري، جڏهن ته عالمي اڳواڻ ڪشميري عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ناروا سلوڪ ۽ وحشياڻي ظلمن کان بچائڻ جي لاءِ متحد ٿين. وزيراعظم آفيس پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان منظم ۽ وحشياڻي ڪاررواين، بيگناهه شهرين جي شهادت ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارتي سيڪيورٽي فورسز تازو ئي ڪشميري ع??ام جي خلاف دهشت جو بازار گرم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد