ڪراچي– 11 فيبر??ري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون،هندستان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير جي مسئلي تان عالمي سطح تي ڌيان هٽايو وڃي،حافظ سعيد کي نيشنل ايڪشن پلان تحت نظربند ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چ??و ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي ??در ڊونلڊ ٽرمپ سان پهريون رابطو انتهائي خوشگوار رهيو،اسان جا ۽ آمريڪا جا ڪجهه گڏيل مقصد آهن جنهن ۾ افغانستان جي صورتحال،دهشت گردي جو خاتمو ۽ واپار وڌائڻ سرفهرست آهن. هن چ??و ته نئين آمريڪي انتظاميه سان سٺن ۽ پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چ??و ته هندستان پ??ري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي تان دنيا جو ڌيان هٽايو وڃي ۽ پاڪستان تي ڪوڙا الزام هنيا وڃن.
آمريڪا سان پائيدار لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste