ڪراڪس- 30 جولاءِ (اي پي پي) وينزويلا ستن ملڪن مان سفارتڪارن کي وا??س گهرائي ورتو. تاس موجب وينزويلا جي پرڏيهي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ارجنٽائن، ڊومينيڪن ريپبلڪ، ڪوسٽاريڪا، پاناما، پ??رو?? يوراگوئي ۽ چلي مان پنهنجن سفارتڪارن کي وا??س گهرائي رهيو آهي. انهن وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي ٻيهر چو??ڊن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي پنهنجي سفارتي مشنز جي سمورن ميمبرن کي هڪ اڻوڻندڙ نظريي ??بب وا??س گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو اسان جي خودمختياري تي حملو آهي. وزارت وينزويلا جي صدارتي چو??ڊن بابت انهن ملڪن جي بيانن کي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو. وزارت وڌيڪ چيو ته وينزويلا جي حڪومت خودمختياري واري حق جي تحفظ جي ضمانت لاءِ سياسي ۽ قانوني قدم کڻڻ جوحق محفوظ رکي ٿي. وينزويلا حڪومت پر امن بقا لاءِ خطرو بڻجندڙ ڪنهن به سرگرمي جي مزاحمت ڪندي وينزويلا ۾ 28 جولاءِ تي صدارتي چونڊون ٿيون. نيشنل اليڪٽورل ڪائونسل موجب 80 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ سميت مُلڪ جي موجوده صدر مادورو کي 51.2 سيڪڙو ووٽ مليا جڏهن ته سندس اهم مخالف اي??من??وگونزاليز، کاٻي ڌر جي پارٽين جي نمائندگي ڪندي 44.2 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. اي پي پي/ ا – ٻ / س – و / ج – پ 11:40
وينزويلا ستن ملڪن مان پنهنجن سفارتڪارن کي واپس گهرائي ورتو
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش