رياض-12 جون (اي پي پي ) سعودي عرب گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل غزه پٽي ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان آمريڪي قرار داد جي منظوري جي آجيان ڪئي ??هي . عرب نيوز موجب سعودي پرڏيهي وزير بيان ۾ زور ڀريو ??هي ته تڪرار جي حل لاءِ ضروري ??هي ته سموريون ڌريون جنگ بندي جي اهميت کي ترجيح ڏين . سعودي عرب عالمي قراردادن موجب خطي ۾ مستقل بنيادن تي امن ۽ جنگ بندي سميت فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن جي حمايت جاري رکندو . واضح رهي ته گذريل رات سل??متي ڪائونسل آمريڪي قرار داد جو معاهدو منظور ڪيو جنهن ۾ غزه جي پٽي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هيو . سل??متي ڪائونسل جي 14 ميمبرن قرارداد کي منظور ڪيو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو . ياد رهي ته سل??متي ڪائونسل ۾ آمريڪي نمائندي لينڊا ٿامس گرين فيلڊ جو چوڻ هو ??ه آمريڪي تجويز ٽن مرحلن تي ٻڌل ??هي پهرين مرحلي ۾ يرغمالين جي آزادي ( عورتن ۽ بزرگ ماڻهن ) کين فوري ۽ مڪمل جنگ بندي ڪرڻ شا??ل آهي . ان کانسواءِ ڪجهه يرغمالين جي لاشن جي واپسي ، فلسطيني قيدين جي مٽا سٽا ۽ آبادي وارن علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي سميت غزه جي سمورن علائقن طرف فلسطينين جي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي شا??ل آهي . ٻئي مرحلي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويندو ته سمورن اسرائيلي قيدين جي آزادي سان مستقل بنيادن تي پر تشدد ڪاروائين جي روڪ ٿام ڪئي وڃي. ان سان گڏ ئي غزه پٽي ۾ وڏي پيماني تي نئين سرتعمير جي منصوبن کي شروع ڪيو ويندو . جيڪو ڪيترن سالن تي ٻڌل ??هي جنهن ۾ انهن مارجي ويل اسرائيلن جي باقيات به واپس موٽائي ويندي جيڪي غزه ۾ مارجي ويا هئا .
سعودي عرب پاران سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي قرارداد جي منظوري جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر