گڏيل قومون- 5 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ميمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ خميس تي ٿيندو. جاپان جي خالي ٿيل ايشيا جي سيٽ تي پاڪس??ان لابنگ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. غير مستقل سيٽن لاءِ چونڊجندڙ ميمبر ملڪ 2 سال يعني پهرين جنوري 2025ع کان 2026ع جي آخر تائين خدمتون ڏئي سگهندا. 5 غير مستقل ميمبر جاپان، ايڪواڊور، مالٽا، موزنبيق ۽ سوئٽزرلينڊ جي خالي ٿيل سيٽ سنڀاليندا جن جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿيندو. گڏيل قومن جي چارٽر تحت سلامتي ڪائونسل جي بنيادي ذميداري عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ آهي. پاڪس??ان 7 ڀيرا سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر رهي چڪو آهي جنهن جي حمايت 53 رڪني ايشيائي گروپ ڪئي آهي ۽ هاڻي تائين پاڪس??ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو ڪو ??مي??وار سامهون ناهي آيو جنهن جي ڪري پاڪس??ان جي ڪ??مي??بي جا ام??ان روشن آهن. ان کان اڳ پاڪس??ان 13۔2012، 04۔2003 ،94۔1993 ، 84۔1983 ، 77۔1976، 69۔1968 اور 53۔1952 ع ۾ پاڪس??ان سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان خدمتون ڏئي چڪو آهي. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 15 هوندو آهي جن مان 5 ميمبر مستقل ميمبر آهن جن ۾ چين، فرانس، روس، برطانيا ۽ آمريڪا شامل آهن. جن کي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن به ٺهراءَ يا فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي جڏهن ته 10 غير مستقل ميمبرن کي 193 رڪني جنرل اسيمبلي چونڊيندي آهي.ووٽنگ ڳجهي راءِ شماري ذريعي ٿيندي آهي ۽ ??مي??وارن جي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت يا 128 ووٽ گهربل هوندا آهن پوءِ چاهي اهو بنا مقابلي ئي ڇو نه هجي. جيڪڏهن ڪو ??مي??وار هدف کان گهٽ ووٽ کڻندو آهي ته ووٽن جو گهربل انگ حاصل ڪرڻ تائين ٻيهر ووٽنگ ڪرائي ويندي آهي. جيڪڏهن تعطل جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي ته ان ميمبر کي ڪ??مي??ب تصور ??يو ويندو آهي جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ مخالفت هجي. هن وقت پاڪستاني وفد جي قيادت گڏيل قومن ۾ پاڪس??ان جو مستقل نمائندو منير اڪرم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جو غير مستقل ميمبر چونڊجي پاڪس??ان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن مطابق عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون وقف ڪندو. هوڏانهن صوماليا ۽ ماريشش آفريڪي سيٽ لاءِ اميوار آهن جڏهن ته ڊينمارڪ ۽ يونان يولهه يورپ جي سيٽ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن. پاناما لاخيني آمريڪي سيٽ لاءِ واحد ??مي??واي آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 غيرمستقل ميمبرن جي چونڊ لاءِ جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو،پاڪستان جي ڪاميابي جا روشن امڪان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ